پشاور(ويب ڊيسڪ) پنجاب کانپوءِ پشاور جي مختلف پيٽرول پمپن تي به پيٽرول جي فراهمي بند ٿي وئي آهي، پشاور ۾ به پيٽرول جي فراهمي نه ٿيڻ سبب شهرين کي پريشانين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، اها ڳالهه پيٽروليم ڊيلرز ايسوسيئيشن خيبرپختونخواهه جي چيئرمين عبدالمجيد ميمڻ ”جيو نيوز“ سان ڳالهائيندي چئي. هن چيو ته ڪمپنيون گهٽ مقدار ۾ پيٽرول فراهم ڪري رهيون آهن. عبدالمجيد جو چوڻ آهي ته شهر ۾ پيٽرول جي طلب 24 هزار ليٽر آهي جڏهن ته ملن ۾ 7 هزار ليٽر آهي. واضح رهي ته پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ مالڪن پيٽرول پمپ بند ڪري ڌرڻو هنيو آهي.










