پشاور ۾ ريڊ زون کي سڪيورٽي سرڪل بڻائڻ جو فيصلو

پشاور (ويب ڊيسڪ)خيبرپختونخواهه جي راڄڌاني پشاور ۾ پوليس ريڊ زون کي سيڪيورٽي جو دائرو بڻائڻ جو فيصلو ڪيو آهي.پوليس اختيارين موجب پشاور جي ڪينٽ واري علائقي جي ريڊ زون ۾ اسپيشل سڪيورٽي يونٽ جا دستا مقرر ڪيا ويندا.هي اسپيشل سيڪيورٽي فورس ايس پي رينڪ جي آفيسرن جو هڪ يونٽ هوندو.پهرين مرحلي ۾ ريڊ زون جي داخلا ۽ اهم عمارتن جي پروفائيلنگ مڪمل ڪئي ويندي.پروفائيلنگ مڪمل ٿيڻ کان پوءِ حتمي سيڪيورٽي ڊرافٽ سي پي آفيس ڏانهن موڪليو ويندو.اسپيشل يونٽ ۾ جديد سامان هوندو، ريڊ زون ۾ ماڻهن جي داخلا کي روڪڻ لاءِ اسپيشل سيڪيورٽي فورسز کي خاص تربيت ڏني ويندي.پوليس اختيارين اهو به ٻڌايو آهي ته پشاور ۾ ريڊ زون کي سيڪيورٽي جو دائرو بڻائڻ جو فيصلو پي ٽي آءِ جي پرتشدد احتجاج کانپوءِ ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو