پشاور کان جده ويندڙ مسافر جي قبضي مان 2 ڪلو هيروئن هٿ

پشاور کان جده ويندڙ مسافر جي قبضي مان 2 ڪلو هيروئن هٿ

پشاور (ويب ڊيسڪ)ايئرپورٽ سڪيورٽي فورس (اي ايس ايف) پشاور ايئرپورٽ تي ڪارروائي ڪندي جده ويندڙ مسافر جي قبضي مان 2 ڪلو کان وڌيڪ آئس هيروئن هٿ ڪري ورتي.اي ايس ايف ترجمان موجب مسافر حيات الله جده وڃڻ لاءِ پشاور انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو ته اي ايس ايف عملي سامان جي اسڪيننگ دوران بيگ ۾ هيروئن جي نشاندهي ڪئي.ڄاڻايل منشيات وڏي چالاڪي سان ٿيلهي ۾ لڪائي وئي هئي، پر اي ايس ايف اهلڪارن بيگ جي تلاشي دوران 1.896 ڪلو گرام آئس هيروئن هٿ ڪري اسمگلنگ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي.اي ايس ايف ترجمان موجب جوابدار کي ابتدائي جاچ کانپوءِ هٿ آيل منشيات سميت وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ اينٽي نارڪوٽڪس فورس حوالي ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو