پشاور(ويب ڊيسڪ) پوليس لائن مسجد ڌماڪي ڪيس ۾ اڳڀرائي ٿي آهي جنهن ۾ حملي آور جا 2 سهولتڪار گرفتار ڪيا ويا آهن.ذريعن موجب ملڪ سعد پوليس لائن آپگهاتي حملي ۾ ملوث آهي، افغان سهولتڪار واقعي کانپوءِ پرڏيهه فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو، کيس گرفتار ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته افغان سهولتڪار وٽان پاسپورٽ ۽ ٻيا دستاويز هٿ ڪيا ويا آهن، جاچ جو عمل جاري آهي.ذريعن موجب گرفتار جوابدارن مان هڪ جو تعلق افغانستان ۽ ٻئي جو تعلق خيبر ضلعي سان آهي، جنهن کي هشت نگري مان گرفتار ڪيو ويو.ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار افغان سهولتڪار جو تعلق افغانستان جي صوبي ننگرهار سان آهي.










