پشاور زلمي جي تراني ۾ مهوش حيات ۽ هانيه عامر شامل

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ 5 ۾ پشاور زلمي لاءِ تيار ڪيل ترانو پشتو ريپ جي صورت ۾ آهي جنهن ۾ مهوش حيات ۽ هانيه عامر گڏ گڏ نظر اچي رهيون آهن. سڀاڻي 20 فيبروري اربع کان شروع ٿيندڙ پي ايس ايل 5 جي گاني تي ٻئي اداڪارائون پرفارم به ڪنديون.

زلمي جو ترانو حسن داوڙ  ڊائريڪٽ ڪيو آهي. جنهن جي موسيقي ۽ ٻولن کي پسند ڪيو پيو وڃي. سب ٽائٽل به تراني ۾ شامل آهن جيڪي انگريزي ۾ آهن. فارٽيٽيوڊ نامي بينڊ هي ڳايو آهي جنهن ۾ اداڪارائن سان گڏ حسن علي شعيب ملڪ ۽ ڊيرن سيمي سميت ٻيا رانديگر به نظر اچي رهيا آهن. هن انگريزي اسٽائل ۾ ڳايل تراني جو نالو زلمي رکيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو