پشاور جي اميدن تي پاڻي، جيسن راءِ 145 ناٽ آئوٽ

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ) پي ايس ايل جي 34 ميچز واري سيريز جو 25 هين ميچ ۾ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم ٽاس کٽي بيٽنگ جو فيصلو ڪيو آهي.پشاور 20 اوورن ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان  تي 240 رنز ٺاهيون، جيڪو پي ايس ايل جي هن سيريز جو وڏي ۾ وڏو اسڪور آهي.جوابي بيٽنگ ۾ ڪوئٽا پاران جيسن راءِ ۽ مارٽن گپٽل ڇڪن ۽ چوڪن جي بارس سان اننگ شروع ڪئي ۽ وهاب رياض پنهنجي بال تي گپٽل کي ڪيچ ڪيو، هن 8 بالن تي 21 رنز اسڪور ڪيون، جنهن بعد وِل سميڊ آيو پر جيسن راءِ جي فائرنگ جاري رهي هن ٻاويهين بال تي ڇڪو هڻي 55 رنز حاصل ڪري ففٽي مڪمل ڪئي. پاور پلي جي 6 اوورز ۾ 88 رنز ٺاهيون ۽ گهربل رن ريٽ 12.05 کان رن ريٽ مٿي ئي رکيو. 7 اوورن ۾ ٽيم جي سينچري مڪمل ڪئي. جنهن تي ڪمنٽيٽر چيو ته راولپنڊي جي پچ بالرن لاءِ قبرستان آهي. 150 جي مجموعي اسڪور تي ول سميڊ 22 بالن تي 26 رنز ٺاهي مجيب جي بال تي محمد حارث هٿان ڪيچ ٿيو. بالرن جي بيدردي سان پٽائي ڏسي بابر فيلڊ ڇڏي ويو. جنهن بعد جيسن راءِ جو ساٿ ڏيڻ حفيظ آيو ۽ هن پهرين بال تي چوڪو هڻي پنهنجو کاتو کوليو جنهن بعد وهاب رياض 2 بال مس ڪرايس پر اڳئين بال تي حفيظ کيس ڇڪو هڻي رن ريٽ 13 کان مٿي ئي رکيو. جيسن راءِ چوڏهين اوور ۾ سينچري مڪمل ڪئي، جيسن راءِ جي ريس تي حفيظ به شاندار بيٽنگ ڪئي ۽ ٻن ڇڪن ۽ 6 چوڪن جي مدد سان 18 بالن تي 41 رنز ٺاهي ناٽ آئوٽ رهيو. وننگ شاٽ جيسن راءِ کيڏندي ڇڪو هڻي 18.2 اوورز ۾ ميچ کٽائي ورتي، جيسن راءِ 5 ڇڪن ۽ 20 چوڪن جي مدد سان 63 بالن تي 145 ناٽ آئوٽ رهيو.  ان کان اڳ پشاور جي اوپنر صائم ايوب پهرين بال تي چوڪو هڻي شروعات ڪئي، 8 اوور مڪمل ٿيڻ تي پشاور جو بنا نقصان جي 78 اسڪور هو. نائين اوور ۾ نواز کي 2 لڳاتار ڇڪا هڻي 24 بالن تي هن ففٽي مڪمل ڪئي. 162 جي مجموعي اسڪور تي صائم ايوب 5 ڇڪا ۽ 6 چوڪا هڻي 33 بالن تي 74 رنز ٺاهي پريٽوريس جي بال تي نواز هٿان ڪيچ ٿيو. جنهن بعد پاويل آيو ۽ هن پهرين بال تي ايترو اونچو ڇڪو هنيو جو بال ئي گم ٿي ويو. بابر اعظم 60 بالن تي سينچري مڪمل ڪئي جيڪا هن پي ايس ايل سيزن جي پهرين سينچري آهي، ان سان گڏوگڏ پشاور جي ڊبل سينچري به مڪمل ٿي. بابر 65 بالن تي 115 رنز ٺاهي ايمل خان هٿان رن آئوٽ ٿيو. سندس اننگ ۾ 3 ڇڪا ۽ 15 چوڪا شامل هئا.

ڪوئٽا جي ٽيم ۾ سرفراز آڱر ۾ ڌڪ سبب نه پيو کيڏي ۽ سندس جاءِ تي ڪپتاني محمد نواز ڪئي. پشاور زلمي جيڪڏهن هي ميچ کٽي ته سپر فور ۾ پهچي ويندي ۽ ڪوئٽا ميچ هارائڻ بعد ڪراچي جيان آئوٽ ٿي ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو