پشاور جي لاهور کي 76 رنز تان شڪست، بابر جا 4 هزار رنز مڪمل

پشاور جي لاهور کي 76 رنز تان شڪست، بابر جا 4 هزار رنز مڪمل

ڪراچي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن ۾لاهور قلندرز کي پشاور زلمي 76 رنز تان شڪست ڏئي ٽيبل پوائنٽ تي 9 پوائنٽس سان ٽاپ تي اچي وئي آهي.
ڪراچي ۾ کيڏيل ميچ ۾ پشاور زلمي پهريان بيٽنگ ڪندي 7 وڪيٽن جي نقصان تي 173 رنز ٺاهيون۔
ڪسال مينڊس 74 رنز ۽ ڪپتانبابر اعظم 43 رنز جي اننگز کيڏي۔ بابر اعظم پي ايس ايل ۾ 4 هزار رنز مڪمل ڪري ورتا ۽ هو پهريون بيٽر آهي جنهن پي ايس ايل م اهو رڪارد قائم ڪيو آهي.
قلندرز جي ڪپتان شاهين آفريدي ٽي ۽ مستفيض الرحمان ٻه رانديگر آئوٽ ڪيا۔
هدف جي پويان ڊوڙ ۾ لاهور قلندرز جي بيٽنگ لائن هڪ ڀيرو ٻيهر ناڪام ٿي وئي ۽ سڄي ٽيم 17 اوورن ۾ 97 رنز تي آئوٽ ٿي وئي۔ فخر الزمان ۽ عبدالله شفيق هر هڪ 21 رنز ٺاهيون، ويلا لاگي 20 رنز ٺاهيون.
زلمي جي طرفانبريس ويل ۽ صفيان ٽي، ٽي رانديگر آئوٽ ڪيا۔
هي لاهور قلندرز جي ڪراچي ۾ لڳاتار ٻي شڪست آهي، جنهن ۾ سندن ٽيم 100 يا ان کان گهٽ اسڪور تي آئوٽ ٿي وئي۔

پهنجو تبصرو موڪليو