پسند سان پرڻو ڪيو آهي، ڀائر ويري بڻجي ويا آهن، ناري

پنوعاقل (سنتوش ڪمار) پنجاب جي شهر صادق آباد جي وستي غفور آباد واسڻ 20 ساله ناري تانيه ڌيءَ محمد اشرف رحماني پنوعاقل جي ڳوٺ بخشڻ دستي جي رهواسي نوجوان گلفام پٽ غلام حسين وٽو سان سکر جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪري ڇڏيو، ناري جو چوڻ آهي ته مون پنهنجي رضا خوشي سان پسند جو پرڻو ڪيو آهي جنهن کانپوءِ منهنجا ڀائر ناصر، بابر، صابر، عدنان جان جا ويري بڻجي ويا آهن ۽ هو اسان کي قتل ڪرڻ چاهين ٿا، هنن اعلي اختيارين کان گهر ڪئي ته کين تحفظ فراهم ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو