پسند جي پرڻي تان 2 قتل، گهرن کي باهه،رينجرز طلب

پسند جي پرڻي تان 2 قتل، گهرن کي باهه،رينجرز طلب

اوٻاوڙو/ ميرپور ماٿيلو(نمائندن وٽان) ڊرنگ ملوڪ واري ۾ پيار جي پرڻي تان پٺاڻ ۽ ڀٽا برادرين جي ٻن ڌرين ۾ جهڙو، گوليون لڳڻ سبب آگو ڀٽو صالح پٺاڻ قتل ٿي ويا. ياد رهي ته ڀٽا برادري جي ناري رابعه ڀٽو عرفان پٺاڻ سان پسند جي شادي ڪئي هئي جنهن تان ٻنهي ڌرين ۾ ڪجھه عرصي کان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. جڏهن ته آگو ڀٽو  ڪجهه ماڻهو وٺي اڄ ڊرنگ ملوڪ واري پهتو ۽ پٺاڻن سان منهن ماري ڪئي ته ڌرين ۾ جهيڙو ٿي پيو. ميرپور ٻيلو ٿاڻي جي حد ۾ ٿيل ڏوهه  ۾ مقتول جي ڀرسان بيٺل پٺاڻ برادري جي نوجوان کيس سڌيون گوليون هنيون.

رابعه ڀٽو پسند سان شادي ڪرڻ بابت ٽنڊو غلام حيدر ۾ پريس ڪانفرنس ڪئي

اطلاع تي پوليس جون 4 موبائيلون پهتيون ۽  موقعي تي قتل ٿيل آگو ڀٽو جو لاش ميرپور ماٿيلو اسپتال کڻائي آئي. هوڏانهن اطلاع تي ڀٽا برادري جا ڪيترائي هٿياربند ڊرنگ ملوڪ واري پهتا ۽ دوبدو فائرنگ شروع ٿي وئي، اهڙي اطلاع تي ٻن سب ڊويزنن جي پوليس پهچي ڳوٺ کي گهيرو ڪري ورتو، وڏي نقصان جو انديشو ظاهر ڪيو پيو وڃي. دير تائين فائرنگ جاري هئي. صورتحال پوليس جي قبضي مان نڪري وئي، رينجرز کي طلب ڪيو ويو. درجنن جي تعداد ۾ ڀٽا برادري جا مانهوهٿيارن سان گڏ موجود هئا ۽ انهن پٺاڻن جي ڪجهه گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي آهي. ڪچي جو علائقو هئڻ سبب واقعي واري هنڌ پهچڻ مشڪل آهي. ڀٽن جي فائرنگ ۾ پٺاڻ برادري جو صالح پٺاڻ زخمي ٿي پيو جنهن کي اسپتال پهچايو ويو ته فوت ٿي ويو. ٻنهي ڌرين جو هڪ هڪ مانهو مارجي ويو، رينجرز ڌرين سان ڳالهائي صورتحال تي ضابطو آندو.

پهنجو تبصرو موڪليو