پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي پاران تحفظ جو مطالبو

درياخان مري (اربـاب مـري) پسند جو پرڻو ڪندڙ جوڙي احتجاج ڪندي انتظاميا کان تحفظ جو مطالبو ڪيو آهي. گهران نڪري ھفتو اڳ لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪندڙ پوپري ڌيء مرحوم عبدالطيف کوکر خحافين کي ٻڌايو ته ھفتو اڳ مون ظفر پٽ علي محمد کوکر سان لاڙڪاڻي جي عدالت ۾ پيار جو پرڻو ڪيو آھي ھن چيو ته منھنجو پيء ڪافي وقت اڳ وفات ڪري ويو آھي منھنجو ننڍي ھوندي کان رشتو ظفر پٽ علي محمد کوکر سان ٿيل ھيو، ھاڻي منھنجو مامو شوڪت کوکر لالچ ۾ اچي مون کي پئسن عيوض حيدرآباد م سيال برادري ۾ شادي ڪرائڻ پيو چاھي جيڪا ڳالھ مون کي پسند نه ھئي جنھن سبب مون شريعت محمدي موجب ظفر پٽ علي محمد کوکر سان شادي ڪئي آھي.  منھنجو مامو شوڪت ۽ ان سان گڏ بشير سيال ديدار سيال گلزار سيال ۽ روشن سيال مون کي ڪارنھن جو الزام مڙھي اسان کي مارائڻ چاھين ٿا. ھنن چيو ته اسان دربدري واري زندگي گذارڻ تي مجبور آھيون اسان پنھنجي تحفظ لاء ھاء ڪورٽ لاڙڪاڻو ۾ پٽيشن پڻ داخل ڪرائي آھي. منهنجي مامي اغوا جو  ڪوڙو ڪيس داخل ڪرايوآھي جيڪوختم ڪري اسان کي تحفظ فراھم ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو