ميرپورماٿيلو (ظهير وسير)ٻيلو ميرپور ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڊرنگ ملوڪ واري ۾ ڀٽا برادري جي عورت مسمات رابعه ڀٽو جي پسند جو پرڻو ڪرڻ تان ڀٽا ۽ پٺاڻ برادري وچ ۾ هلندڙ ڇڪتاڻ ٻن ڄڻن جي قتل بعد علائقي ۾ وڏي پوليس نفري جي مقرري کان پوءِ ڌرين ۾ هلندڙ فائرنگ ۾ ٺاپر اچي ويئي آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس ايس ايڇ او قمر عباس لنڊ جي فرياد تي مقتول آگو ڀٽو، شڪور، اسرار، قربان، گل محمد، شوڪت ڀٽو سميت ڀٽا برادري جي 18 جوابدارن ۽ ڀٺاڻ برادري جي مقتول صلاح الدين پٺاڻ، امداد، اسد، علي انور پٺاڻ سميت پٺاڻ برادري جي 17 جوابدارن تي داخل ڪري ڇڏيو آهي ڪيس ۾ ايس ايڇ او ڄاڻايو آهي ته اسان کي اطلاع مليو ته مسمات رابعه ڀٽو کي عرفان پٺاڻ سان ڪارنهن جي الزام تي ٻنهي ڌرين ۾ جھيڙو ٿي پيو آهي پوليس واقعي واري هنڌ رواني ٿي ته ڌرين ۾ فائرنگ هلندڙ هئي اسان اي پي سي ۽ ٻئي پوليس نفري گهرائي سين واقعي واري هنڌان 2 لاش هٿ ڪيا ۽ ڄاڻايل جوابدرن کي سڃاتو سين. ڪيس داخل ٿيڻ ۽ واقعي واري علائقي ۾ پوليس نفري جي مقرري بعد فائرنگ بند آهي پر ڌريون مورچا بند ٿيل آهن جڏهن ته ذريعن وٽان ڄاڻ ملي آهي ته پوليس 8 کان 10 ڄڻن کي گرفتار ڪري نامعلوم هنڌ لڪائي ڇڏيو آهي جڏهن ته رابطو ڪرڻ تي ٻيلو ميرپور پوليس گرفتارين جي ترديد ڪئي آهي. سندن چوڻ آهي ته پوليس وڌيڪ جاچ ڪري رهي آهي.










