پسند جو پرڻو، مائٽڻ کان تحفظ ڏياريو وڃي، جوڙو

خيرپور (سجاد علي ڪٻر ) رتوديرو جي ڳوٺ وڏا آگاڻي جي رهواسڻ نوجوان ناري مسمات صائقه ڌيءَ منٺار علي آگاڻي گهران نڪري شڪارپور ضلع جي تعلقي ڳڙهي ياسين جي ڳوٺ حسن خروس جي نوجوان اڱڻ خان ولد باقر خروس سان خيرپور ۾ پنهنجي وڪيل شوڪت علي مڪول جي معرفت عدالتي پرڻو ڪري ڇڏيو آهي. جنهن بعد ناريءَ جي مائٽن طرفان جوڙي کي ڪارو قرار ڏيئي مارڻ ۽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ جي ڌمڪين جي خوف کان صحافين کي ٻڌايو ته هنن پنهنجي مرضي سان شريعت محمدي مطابق نڪاح ڪيو آهي ته مائٽ کين ڪوڙن ڪيسن ۾ ڦاسائڻ ۽ ڪاروڪاري جي الزامن هيٺ قتل ڪرائڻ چاهين ٿا. هنن مطالبو ڪيو ته کين تحفظ فراهم ڪري سندن زندگيون بچائيون وڃن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو