پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان چيني ماهرن جي ملاقات

پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان چيني ماهرن جي ملاقات

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) ٻوڏ جي نقصانن جي جائزي جي رپورٽ تيار ڪرڻ لاءِ قدرتي آفتن جي انتظام ۽ ٻوڏ ڪنٽرول ماهرن تي مشتمل چين جو سينيئر ماهر گروپ پاڪستان پهچي ويو آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري سان چيني ماهرن جي گروپ ملاقات ڪئي چين جي ماهر گروپ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري کي پنهنجي ايڪشن پلان بابت آگاهه ڪيو.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته ٻوڏ سبب ٿيل نقصانن جو حتمي اندازو لڳائڻ سان ريڪوري آپريشن ۾ مدد ملندي.پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پاڪستان ٻوڏ متاثرن جي مدد تي چين جو شڪر گذار آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو