بالي(ويب ڊيسڪ)پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري بوسنيا ۽ هرزيگوينا جي پرڏيهي وزير بسيرا ترڪووچ سان ملاقات ڪئي آهي.انڊونيشيا جي صوبي بالي ۾ ٿيل ملاقات دوران پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزيرن اعليٰ سطحي لاڳاپن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.ملاقات دوران واپار ۽ ٻطرفي تعاون جي ميڪنزم ذريعي گڏيل سهڪار وڌائڻ تي به خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.پاڪستان ۽ بوسنيا هرزيگوينا جي پرڏيهي وزيرن مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون وڌائڻ تي به اتفاق ڪيو.










