شاهه محمود جي ايراني قيادت سان ملاقات بعد سعودي روانگي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان جو پرڏيهي کاتي جو وزير شاهه محمود قريشي وزيراعظم عمران خان جي هدايت تي وچ اوڀر ۾ پيدا ٿيل ڇڪتاڻ گهٽائڻ لاءِ ايران جي دوري دوران پنهنجي هم منصب جواد ظريف ۽ ايراني صدر حسن روحاني سان ملاقاتون ڪيون آهن. آمريڪا ۽ ايران ۾ صورتحال بهتي ڪرڻ ۽ خاص ڪري سعودي عرب سان معاملا بهتر ڪرڻ لاءِ ٽياڪڙي جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. ذريعن موجب هن جواد ظريف سان ملاقات ڪري صورتحال بهتر ڪرڻ لاءِ مختلف آپشنز بابت مشاورت ڪئي آهي. جنهن بعد سومر تي هو تهران مان سعودي عرب روانو ٿي رهيو آهي. جتي سعودي وزير خارجه شهزادي فيصل بن فرحان بن آل سعود سان ملاقات ڪندو. پرڏيهي وزير سان سيڪريٽري خارجه ۽ وچ اوڀر واري شعبي جا سينئر آفيسر به گڏ آهن. ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري تي روانگي کان اڳ ٻنهي ملڪن سان سفارتي سطح تي مختلف تجويزن بابت مشاورت ڪئي هئي ۽ ٻنهي ملڪن سان مختلف تجويزن بابت اڳ ۾ ئي صلاح مشورا ڪيا هئا. شاهه محمود قريشِ جي دوري دوران ايران جي اپوزيشن جماعتن حڪومت خلاف وڏو احتجاجي مظاهرو ڪيو آهي. جڏهن ته آمريڪي وزير دفاع مارڪ ايسپر جو اهو بيان به سامهون آيو آحي ته ايران جي آمريڪي سفارتخانن تي حملن بابت هن ڪو ٺوس ثبوت ناهي ڏٺو.

پهنجو تبصرو موڪليو