پرڏيهي مدد سان گڏ پاڪستان کي اندروني طور به قدم کڻڻا پوندا: ورلڊ بئنڪ

پرڏيهي مدد سان گڏ پاڪستان کي اندروني طور به قدم کڻڻا پوندا: ورلڊ بئنڪ

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ڏکڻ ايشيا لاءِ ورلڊ بينڪ جي نائب صدر مارٽن ريسر چيو آهي ته پاڪستان موسمياتي تبديليءَ کان تمام گهڻو متاثر ٿيو آهي، اهڙيون برساتون بي مثال آهن.خصوصي ڳالهه ٻولهه ڪندي مارٽن ريزر چيو ته دنيا کي پاڪستان جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي پر پاڪستان کي به مالي سڌارا ڪرڻ گهرجن، ٻوڏ جي بحالي لاءِ روڊ ميپ به ٺاهيو وڃي.هن چيو ته پاڪستان کي اندروني طور تي قدم کڻڻا پوندا، پاڪستاني عوام بجلي جي بلند بلن کان پريشان آهي، ڊسٽري بيوشن ۾ نقصان ۽ قيمتن جي بلندي سبب ان کي منهن ڏيڻ لاءِ توانائي سڌارا ضروري آهن.ڏکڻ ايشيا لاءِ عالمي بئنڪ جي نائب صدر جو به چوڻ هو ته پاڪستاني ناڻي واري وزير اسحاق ڊار سڌارن جو يقين ڏياريو آهي، سڌارا ڊگهي مدي واري سيڙپڪاري لاءِ به اهم آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو