پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، پي ٽي آءِ کي جواب جمع ڪرائڻ جي آخري وارننگ

پرڏيهي فنڊنگ ڪيس، پي ٽي آءِ کي جواب جمع ڪرائڻ جي آخري وارننگ

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ پرڏيهي فنڊنگ ضبطگي ڪيس جي سلسلي ۾ فيصلي جو حڪم نامو جاري ڪري ڇڏيو.پنهنجي فيصلي ۾ اليڪشن ڪميشن چيو آهي ته پي ٽي آءِ کي انصاف جي گهرجن تحت تفصيلي جواب جمع ڪرائڻ جي اجازت ڏني وڃي ٿي، پي ٽي آءِ 22 آگسٽ تائين شوڪاز نوٽيس تي حتمي جواب جمع ڪرائي.پي ٽي آءِ کي چيو ويو آهي ته حتمي جواب جمع نه ڪرائڻ جي صورت ۾ اليڪشن ڪميشن ڪيس کي اڪلائي ڇڏيندي، اليڪشن ڪميشن موجود رڪارڊ جي بنياد تي حتمي فيصلو جاري ڪندي، جوابده ڌر ڪيس کي ڊيگهه ڏيڻ جا دير جا حربا استعمال ڪري رهي آهي.فيصلي موجب پي ٽي آءِ 50 هزار رپيا اليڪشن ڪميشن ڊپٽي ڊائريڪٽر لا جي آفيس ۾ جمع ڪرائي، اها رقم يتيم خاني ۾ ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو