پرڏيهي فنڊنگ ثابت ٿيڻ تي عمران خان استعيفيٰ ڏئي: راجا رياض

پرڏيهي فنڊنگ ثابت ٿيڻ تي عمران خان استعيفيٰ ڏئي: راجا رياض

اسلام آباد(بيورو)قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ راجا رياض احمد اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پارٽي قيادت تان استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.پريس ڪانفرنس دوران هن چيو ته پرڏيهي فنڊنگ ثابت ٿيڻ تي عمران خان استعيفيٰ ڏئي، پي ٽي آءِ چيئرمين لاءِ اڪبر ايس بابر جي نالي تي غور ڪيو وڃي.راجا رياض چيو آهي ته پي ٽي آءِ ڪارڪنن سوشل ميڊيا تي تمام خراب ڳالهيون ڪيون، عمران خان خراب ڪم ڪندڙن کي مبارڪباد ڏني هوندي.هن چيو ته عمران خان مون کي فون ڪري چيو هو ته راڻا ثناءُ الله ڪيئن کٽيو، مان چوان ٿو ته عمران خان راڻا ثناءُ الله خلاف ڪيس داخل ڪرايو.راجا رياض اهو به چيو ته عمران خان جو ٻٽو چهرو آهي، هڪ چهرو اسلامي ٽچ سان آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو