پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين لاءِ وڏين سهولتن جو اعلان

اسلام آباد (رپورٽ اياز مهر) وفاقي بجيٽ 24-2023ع ۾ پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين کي سهولتون ڏيڻ جي به تجويز ڏني وئي آهي. وفاقي بجيٽ تجويز ۾ چيو ويو آهي ته پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستاني پرڏيهي مٽاسٽا جو سڀ کان اهم ذريعو آهن ۽ ترسيل اسان جي برآمدات جو 90 سيڪڙو حصو آهن. بجيٽ تجويزن ۾ چيو ويو آهي ته قانوني طريقي سان پرڏيهي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ لاءِ هيٺيون ترغيب ڏنيون وينديون. پرڏيهه ۾ رهندڙ پاڪستانين جي غير منقوله ملڪيت جي خريداري تي موجود 2 سيڪڙو حتمي ٽيڪس ختم ڪيو پيو وڃي. پرڏيهي مٽاسٽا ڪارڊ جي ڪيٽيگري ۾ هڪ نئون ”ڊائمنڊ ڪارڊ“ جاري ڪيو پيو وڃي، جيڪو انهن ماڻهن کي جاري ڪيو ويندو جيڪي ساليانو 50 هزار ڊالرن کان وڌيڪ پرڏيهي مٽا سٽا موڪليندا آهن. ان سان گڏوگڏ هڪ غير ممنوعه بور جي هٿيارن جو مفت لائسنس، مفت پاسپورٽ، پاڪستاني سفارتخانن ۽ قونصل خانن تائين ترجيحي رسائي، پاڪستاني ايئرپورٽس تي فاسٽ ٽريڪ اميگريشن جي سهولت ۽ اسٽيٽ بئنڪ پاران لاٽري ذريعي ريميٽينس ڪارڊ هولڊرز کي وڏا انعام ڏيڻ جي اسڪيم به شروع ڪريون ٿا.

پهنجو تبصرو موڪليو