پاڪستان مان پرڏيهه روڪ ڊالر کڻي وڃڻ تي نيون پابنديون

پاڪستان مان پرڏيهه روڪ ڊالر کڻي وڃڻ تي نيون پابنديون

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) فيدرل بورڊ آف روينيو پرڏيهه ويندڙن بابت ڊالر کڻي وڃڻ وارن قاعدن ۾ تبديلي ڪري ڇڏي آهي. نئين جاري ڪيل حڪم مطابق 5 سال کان گهٽ عمر وارو في دوري تي 1000 ڊالر ۽ سال ۾ وڌ کان وڌ دورن تي 6 هزار ڊالر کان وڌيڪ نه کڻي ويندو. 5 کان 18 سال تائين عمر جو ڪو به فرد في دوري تي 5000 ڊالر ۽ سال ۾ 30 هزار ڊالر کان وڌيڪ نٿو کڻي وڃي سگهي. 18 سالن کان مٿي جي عمر وارو پرڏيهه ويندڙ شخص في دوري تي ڏهه هزار ڊالر کان وڌيڪ نه کڻندو ۽ سال ۾ جيترا به دوران ڪري پر 60 هزار ڊالر کان وڌيڪ پاڪستان مان پئسا ٻاهر نٿو کڻي سگهي. البته ملڪ ڇڏيندڙ 3 هزار ڊالر کان وڌيڪ ڪيش نٿو کڻي وڃي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو