پريڊ گرائونڊ جو ڪامياب جلسو آڊيو ليڪ ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي:فياض

پريڊ گرائونڊ جو ڪامياب جلسو آڊيو ليڪ ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي:فياض

راولپنڊي(ويب ڊيسڪ)پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) اڳواڻ فياض الحسن چوهاڻ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي گهرواري بشرا بي بي جي مبينا آڊيو ليڪ ٿيڻ واري معاملي تي ردعمل ڏئي ڇڏيو آهي. فياض الحسن چوهاڻ چيو ته پريڊ گرائونڊ جو ڪامياب جلسو آڊيو ليڪ ڪندڙن جي منهن تي چماٽ آهي. هن چيو ته ٻن پرائيويٽ ماڻهن جو آڊيو ليڪ ڪرڻ غير اخلاقي، غير قانوني ۽ غير انساني عمل آهي. فياض الحسن چوهاڻ وڌيڪ چيو ته آڊيو ۽ وڊيو ليڪس واري سياست عمران خان جي مشن کي روڪي نه ٿي سگهي.

پهنجو تبصرو موڪليو