پريشر گهٽ ڇو؛ عورتن جو ويلڻ کڻي گيس آفيس جو گهيرو

پريشر گهٽ ڇو؛ عورتن جو ويلڻ کڻي گيس آفيس جو گهيرو

شهدادڪوٽ ( شاهد اعواڻ) گيس جي لوڊشيٽنگ ۽ پريشر نه هجڻ خلاف عورتن هٿن ۾ ويلڻ ۽ ٻيو گهريلو استعمال ٿيندڙ سامان کڻي گيس آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو. شهر جي فيض الاهي اسڪول پاڙي ، ڪنڀر پاڙي سميت ٻين پاڙن جي رهواسين سخت سيءَ ۾ مردن ۽ عورتن پنهنجا ٻار ساڻ ڪري آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو جنهن سبب ٽريفڪ معطل ٿي وئي. ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ مردن ۽ عورتن خليل احمد ڪمبوه ، نديم ڪمبوه ، عبدالشڪور ڪمبوه ، حڪيمان بيبي ، صغرابيبي ۽ ٻين ميڊيا وارن سان ڳالهائيندي چيو ته سخت سي آهي ۽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ گيس بند آهي جنهن ڪري صبح جو بغير نيرن ڪرڻ جي ٻار اسڪول وڃن ٿا.

جڏهن ته منجهند ۽ رات جي ماني وقت به ڪاٺيون ٻاري ماني پچائڻي پوي ٿي. هنن جو چوڻ هو ته گيس اچي ڪو نه ٿي ۽ هزارين روپيا بل اچن ٿا جنهن ڪري اسان گيس جا صارفين ذهني اذيت ۾ وٺجي ويا آهيون ۽ اسان جو مالي نقصان به ٿي رهيو آهي. هنن چونڊيل نمائندن سميت ٻين گيس انتظاميه جي وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته شهر ۾ گيس جي فراهمي کي يقيني بڻائي شهرين جي مشڪلاتن مان جان ڇڏرائي وڃي. هوڏانهن آخر ۾ لڳل ڌرڻي کي گيس آفيس جي عملدارن مظاهرين سان ڳالهيون ڪري مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي ڌرڻو ختم ڪرايو.

پهنجو تبصرو موڪليو