پريشان نه ٿيو، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ فائنل ٿيندو: روهت شرما

پريشان نه ٿيو، پاڪستان ۽ ڀارت ۾ فائنل ٿيندو: روهت شرما

دبئي (ويب ڊيسڪ)گڏيل عرب امارتن ۾ جاري ايشيا ڪپ ٽي 20 ٽورنامينٽ جي سپر فور مرحلي ۾ سريلنڪا ڀارت کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي فائنل ۾ پهچڻ جي راهه هموار ڪري ورتي.سريلنڪا ڀارت پاران ڏنل 174 رنسن جو هدف آخري اوور ۾ پورو ڪيو، ڪوشل مينڊس 57 رنسون ٺاهي نمايان رهيو.سريلنڪا خلاف ميچ کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي ڀارتي ڪپتان روهت شرما چيو ته جيڪڏهن ميچ هارائي وڃي ته گڙٻڙ لڳي ٿي، شڪست جي باوجود ڊريسنگ روم جو ماحول سٺو آهي، رانديگرن ۾ ٽيلينٽ موجود آهي، جڏهن ته اهي رانديگر هتي آهن. هن چيو ته ارشد سنگهه پاڪستان خلاف ڪيچ وٺڻ کان پوءِ ٿورو اداس هو پر سوشل ميڊيا تي نظر نٿو اچي، هو ٽيم جي فتح لاءِ پرعزم آهي. ٻئي طرف روهت شرما ايشيا ڪپ جي فائنل بابت پڇيل سوال جو جواب ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ فائنل ٿيندو، پريشان نه ٿيو.

پهنجو تبصرو موڪليو