اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان قانون واري وزارت کي هدايت ڪئي آهي ته پارليمان ۾ گرفتار ميمبرن کي گهرائڻ لاءِ پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ واري قانون ۽ قاعدن ۾ ترميم ڪئي وڃي. ڪابينا اجلاس دوران هن چيو ته خڀبائي حڪومتن سان رابطو ڪري انهن کي به چئو ته بدعنواني ۽ گهپلڻ ۾ ملوث ميمبرن جي پروڊڪشن آرڊر جاري ڪرڻ تي پابندي هڻو. وزيراغظم اهو به چيو ته جيل مينوئل ۾ به ترميم ڪريو ٽ ڪرپشن ۽ مني لانڊرنگ وارن ملزمن کي سياسي قيدي جي سهولت نه ملڻ گهرجي. وفاق ڪابينا جي اجلاس بعد بريفنگ ڏيندي وزيراعظم جي مشير فردوس عاشق اعواڻ بريفنگ دوران ٻڏايو ته ڪابينا وفاق گادي واري شهر ۾ بزرگ شهرين لاءِ شيلٽر هوم ٺاهڻ جي منظوري ڏني، ان بابت قانون منظور ڪيو ويندو ۽ بزرگ شهرين تي مشتمل ڪميٽي ٺاهي ويندي. هن ٻڌايو ته اسلام آبد جي ماسٽر پلان کي تبديل ڪرڻ، شهر کي ڦهلائڻ، صاف پاڻي جي فراهمي ۽نڪاسي کي يقني بنائڻ، گرين بيلٽ مان حد دخليون ختم ڪرڻ جي هدايت ڪئي. فردوس اعواڻ وڌيڪ ٻڌايو ته ڪابينا بارن بابت ڪميشن کي هدايت ڪئي آهي ته لاپته، گم ٿيل ۽ اغوا ٿيندڙ ٻارن جي سينٽرل ڊيٽا بئنڪ قائم ڪريو، سڀني صوبن جي صلاح سان اهو ڪم ڪريو.










