پروين رند واقعي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏيو

پروين رند واقعي جي جوابدارن کي سخت سزا ڏيو

حيدرآباد(بيورو رپورٽ)قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي پيپلز ميڊيڪل يونيورسٽي آف ميڊيڪل اينڊ ھيلٿ سائنس جي تشدد جو شڪار شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند سان فون تي رابطو کيس انصاف ڏيارڻ ۾ سھڪار جي خاطري ڪرائي آھي۔ ان ڏس ۾ فون تي ڳالھ ٻولھ دوران اياز لطيف پليجي ھاسٽل ۾ تشدد جي متاثر شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند تي تشدد جي مذمت ڪندي چيو تہ يونيورسٽين مان نياڻين جا لاش ملڻ ۽ انھن تي تشدد المناڪ ۽ تشويشناڪ صورتحال آھي۔ سنڌ کي تعليم ذريعي اڳتي وٺي وڃي سگھجي ٿو۔ ڪيڏي بہ مشڪل صورتحال ھجي ۽ رڪاوٽون سامھون اچن، تعليم جو رستو نہ ڇڏڻ گھرجي۔ اسان جي نياڻين ۽ نوجوانن کي تعليم ذريعي چئلينجن جو مقابلو ڪري اڳتي وڌڻ گھرجي۔ متاثر شاگردياڻي ڊاڪٽر پروين رند چيو تہ مون تي بيگناھ تشدد ڪيو ويو آھي۔ تشدد خلاف آواز اٿارڻ تي حراسان ڪيو پيو وڃي۔ جنھن تي اياز لطيف پليجي ڊاڪٽر پروين رند کي چيو تہ قومي عوامي تحريڪ توھان سان انصاف جي جدوجھد ۾ گڏ آھي۔ اياز لطيف پليجي چيو تہ حڪومت فوري طور تي واقعي جو نوٽيس وٺي۔اعلي سطحي جاچ ڪري انصاف ڪيو وڃي. اياز لطيف پليجي چيو آھي تہ ٻارن ۽ نياڻين سان لڄالٽ جي جوابدارن کي سخت سزا ڏني وڃي۔

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو