اسلام آباد(بيورو رپورٽ)سپريم ڪورٽ اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي نااهلي خلاف داخل درخواست رد ڪري ڇڏي.چيف جسٽس جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي ۽ سپريم ڪورٽ پرويز مشرف جي نااهلي واري درخواست غير موثر قرار ڏيندي رد ڪري ڇڏي.ايڊيشنل اٽارني جنرل عدالت کي ٻڌايو ته درخواستگذار پرويز مشرف فوت ٿي چڪو آهي، 2013 جي عام چونڊن ۾ پرويز مشرف جي نااهلي کي چئلينج ڪيو ويو هو.ايڊيشنل اٽارني جنرل وڌيڪ چيو ته 2013ع واري اسيمبلي جو مدو به ختم ٿي ويو آهي.واضح رهي ته پرويز مشرف 2013ع جي عام چونڊن ۾ چترال مان نامزدگي ڪاغذ جمع ڪرايا هئا، جيڪي ريٽرننگ آفيسر رد ڪيا هئا.










