پرويز الاهي کي گڏيل اميدوار آڻڻ جون خبرون غلط آهن: راڻا ثناءُ الله

پرويز الاهي کي گڏيل اميدوار آڻڻ جون خبرون غلط آهن: راڻا ثناءُ الله

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) گهرو وزير راڻا ثناءُ الله پرويز الاهي کي (ن) ليگ جو گڏيل اميدوار بڻائڻ جي خبرن جي ترديد ڪري ڇڏي. لاهور ۾ ڳالهه ٻولهه ڪندي راڻا ثناءُ الله چيو ته اهڙي ڪا به ڳالهه نه هئي ته پرويز الاهي (ن) ليگ جو گڏيل اميدوار هوندو، اهي مڪمل طور تي غلط خبرون ڦهلجي رهيون آهن. هن چيو ته (ن) ليگ ۽ اتحادي پارٽين جا اميدوار رڳو حمزا شهباز آهن، اميد آهي ته حمزه شهباز پنجاب جو وڏو وزير چونڊجي ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو