لاهور: (ويب ڊيسڪ) انڪشاف ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي چونڊن ۾ پرويز الاهي کي کٽرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهندي رهي. ايستائين جو ٻنهي آفيسرن کي گورنر هائوس ۾ گهرائي پرويز الاهي کي کٽرائڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون. رپورٽ موجب گذريل ڏينهن پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ دوران پنجاب اسيمبلي ۾ هنگامو ٿيو جنهن کي ميڊيا جي ڪيمرن عڪسبند ڪري ورتو. پر ان کان اڳ جيڪو ٿيو ان جي اندروني ڪهاڻي هاڻ سامهون آئي آهي.ذريعن موجب تحريڪ انصاف جي نامزد اميدوار ۽ (ق) ليگ جي صدر چوڌري پرويز الاهي کي وڏو وزير بنائڻ لاءِ آفيسرن تي دٻاءُ وڌو ويو ۽ کين گورنر هائوس گهرائي ڌمڪيون ڏنيون ويون. ذريعن موجب گذريل ڏينهن پنجاب اسيمبلي ۾ ٿيندڙ هنگامي ۽ ڊپٽي اسپيڪر دوست مزاري تي تحريڪ انصاف جي ميمبرن پاران ڪيل حملي کان پوءِ وڏي وزير جي چونڊ ٿيڻ ناممڪن نظر اچي رهي هئي پر چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب جي دبنگ ايڪشن سبب اهو ممڪن ٿيو. جيڪڏهن اهي ٻئي آفيسر ايڪشن نه کڻن ها ته چونڊون منعقد ٿيڻ ممڪن نه هو. ذريعن موجب چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب قانون ۽ آئين تي عمل ڪري چونڊ منقد ڪرائي.ٻئي طرف اهو به انڪشاف ٿيو آهي ته تحريڪ انصاف جي حڪومت چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي کي چونڊن ۾ پرويز الاهي کي کٽرائڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهندي رهي. ايستائين جو هنن ٻنهي آفيسرن کي گورنر هائوس ۾ گهرائي پرويز الاهي کي کٽرائڻ جي لاءِ ڌمڪيون ڏنيون ويون ۽ دٻاءُ وڌو ويو. پر ڌمڪين باوجود ٻنهي آفيسرن غيرقانوني حڪم مڃڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو ۽ چيو ته اسان آئين ۽ قانون کان هٽي ڪوبه ڪم نه ڪنداسين.ذريعن موجب چيف سيڪريٽري ۽ آءِ جي پنجاب جي انڪار کان پوءِ ٻنهي آفيسرن کي تبديل ڪري نوان آفيسر مقرر ڪرڻ جي سمري اماڻي وئي. پر وفاق ٻنهي آفيسرن کي تبديل نه ڪيو.










