پرويز الاهي کي پوليس ٿاڻي ۾ بند ڪرڻ ظلم آهي، وڪيل

پرويز الاهي کي پوليس ٿاڻي ۾ بند ڪرڻ ظلم آهي، وڪيل

گوجرانواله (ويب ڊيسڪ)پنجاب جي اڳوڻي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي جي وڪيل رانا انتظار چيو آهي ته پرويز الاهي کي پوليس ٿاڻي ۾ بند ڪيو ويو جيڪو سراسر ظلم آهي.هڪ بيان ۾ وڪيل رانا انتظار چيو ته هو ادارن جي معاملن ۾ حڪومتي مداخلت جي مذمت ڪن ٿا.هن چيو ته پنجاب جو سڌ سماءُ وارو وزير ٻڌائي ته مئجسٽريٽ ڪالهه واري فيصلي ۾ ڇا غلط لکيو.راڻا انتظار جو چوڻ آهي ته منڊي بهاؤالدين، لاهور، راولپنڊي ۽ گوجرانوالا جي مئجسٽريٽ ڪيس ڊسچارج ڪيا.ٻئي طرف پاڪستان تحريڪ انصاف جي صدر پرويز الاهي جي قانوني ٽيم عدالت پهچي وئي.مختيار رانجها ايڊووڪيٽ جو چوڻ آهي ته پرويز الاهي اڳوڻو وڏو وزير آهي، ساڻس سلوڪ ڪرڻ گهرجي ها، نگران حڪومت دٻاءُ وجهي رهي آهي، حمايتين کي گرفتار ڪيو پيو وڃي ته جيئن ڪو واپس نه اچي.

پهنجو تبصرو موڪليو