پرويز الاهي پاران عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي هدايت

پرويز الاهي پاران عوامي شڪايتن جي فوري ازالي جي هدايت

لاهور(ويب ڊيسڪ)پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي عوام جون شڪايتون فوري طور تي حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.لاهور ۾ پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي سان چيف منسٽر گريوئنس سيل جي چيئرمين زبير احمد خان ملاقات ڪئي، جنهن سيل جي ڪارڪردگي ۽ شڪايتن جي ازالي بابت بريفنگ ڏني.ان موقعي تي پنجاب جي وڏي وزير چيو ته شڪايتي سيل ۾ ايندڙ درخواستن کي جلد اڪلايو وڃي، عوامي شڪايتن بابت درخواستن کي مقرر وقت ۾ حل ڪيو وڃي.پنجاب جي وڏي وزير وڌيڪ چيو ته عوام جون شڪايتون بروقت دور ڪري کين رليف ڏنو وڃي، بي بنياد ۽ غلط درخواستون ڏيندڙن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو