اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم جي خاص مددگار عطاءالله تارڙ چيو آهي ته پرويز الاهي مخالفن کي ڦاهي تي ٽنگڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي عمران دور ۾ اسان جي قيادت تي ڪورا ڪيس ٺاهيا ويا رانا ثناءُالله جي خلاف منشيات جو ڪوڙو ڪيس ٺاهيو ويو اسان نيب ڪيسن ۾ 90-90 ڏينهن جا ريمانڊ ڪاٽيا، اسان جي قيادت سان جيل ۾ غلط ورتاءُ ٿيندو رهيو اسان جي قيادت سختيون برداشت ڪيون پر ڪا شڪايت نه ڪئي. مسلم ليگ (ن) جي قيادت ادارن ۾ ڪڏهن به فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش نه ڪئي شهباز گل ملڪ دشمن بيانيئي کي هٿي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي شهباز گل جي ٻن ڏينهن جي ريمانڊ تي پي ٽي آئي قيادت جون رڙيون دنيا ٻڌيون پي ٽي آئي کي ملڪ جي خلاف سازش جو جواب ڏيڻو پوندو ميڊيا سان ڳالهائيندي عطاالله تارڙ چيو ته مريم نواز کي والد سان ملاقات وقت گرفتار ڪيو ويو عطاالله تارڙ چيو ته پرويز الاهي عدالتي فيصلي تي پنجاب جو وڏو وزير بڻيو پرويز الاهي مخالفن کي ڦاهي تي چاڙهڻ جون ڌمڪيون ڏئي رهيو آهي هن چيو ته عمران خان ٻين کي ذاتي مفادن لاءِ استعمال ڪري ٿو عمران خان جلسي ۾ ڀارتي پرڏيهي پاليسي جي ساراهه ڪئي.










