پروفيسر عبدالڪريم شيخ جي جنازي نماز ادا،مٽي ماءُ حوالي

پروفيسر عبدالڪريم شيخ جي جنازي نماز ادا،مٽي ماءُ حوالي

ٺٽو (ن سنڌيار) ناليوارو تعليمدان ۽ مذھبي اسڪالر پروفيسر عبدالڪريم شيخ دل جو دورو پوڻ سبب گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، مرحوم جِي جنازي نماز جنگشاهي ۾ ادا ڪرڻ بعد سوين آلين اکين سان مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنگشاهي سان تعلق رکندڙ ناليواري تعليمدان مذھبي اسڪالر پروفيسر عبدالڪريم شيخ جي لاڏاڻي سبب جنگشاهي ۾ سوڳ ڇانئجي ويو، جڏھن تہ سندس جنازي نماز درگاھ عاليه حضرت مشوري شريف جي سجاده نشين پير طريقت رھبر شريعت حضرت قبلا سائين منير احمد مشوري پڙھائي، جڏھن تہ جماعت اهلسنت جي عالم شيخ الحديث مفتي عبدالرحمان ٺٽوي، مولوي يامين جماري، مولوي محمد فضل اللّٰه حسيني، اڳوڻي ايم اين اي ڊاڪٽر عبدالواحد سومرو سميت مذھبي سياسي علمي شخصيتن، شھرين، صحافين وڏي انگ ۾ جنازي ۾ شرڪت ڪئي، کيس جنگشاهي لڳ مقامي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو، جڏھن تہ مذھبي اسڪالر ۽ ناليواري تعليمدان پروفيسر عبدالڪريم شيخ جو تڏو جنگشاهي ۾ شيخ هائوس تي وڇايو ويو آھي جتي سندس ڀائرن غلام نبي شيخ غلام علي شيخ پٽن عبدالستار شيخ ۽ ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ جي ترجمان عبدالقادر شيخ سان مختلف شخصيتن پاران عذر خواهي جو سلسلو جاري آھي، سندس ٽيجھو سڀاڻي جمعي نماز بعد شيخ هائوس جنگشاهي ۾ ٿيندو، واضع رهي تہ پروفيسر عبدالڪريم شيخ گورنمينٽ ايليمينٽري ڪاليج مڪلي جو پرنسپال رهي چڪو هو جڏھن تہ پاڻ جنگشاهي جامع مسجد ۾ گزريل 40 سالن کان خطيب طور خدمتون سرانجام ڏيئي رهيو هو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو