پرزائيٽنگ آفيسر تي تشدد،اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس،ڪاروائي جو حڪم

پرزائيٽنگ آفيسر تي تشدد،اليڪشن ڪميشن جو نوٽيس،ڪاروائي جو حڪم

اسلام ڪوٽ(ن سنڌيار)اليڪشن دوران پولنگ تي پرزائيٽنگ آفيسر تي تشدد ڪندڙ بااثر ڪلارڪ خلاف ڪاروائي نه ٿي،اليڪشن ڪميشن معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو،بااثر ڪلارڪ رات دير سان ساٿين سميت ڊاڪٽر جي تي تڏي تي پهچي ويو،پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيشن پاران ٽوڪن بائيڪاٽ ڪري ڪارو ڏينهن ڪري ملهايو،ڪاروائي جي گهر، انهي سلسلي ۾ مليل ڄاڻ موجب اليڪشن ڏهاڙي پولنگ تي موجود پرزائيٽنگ آفيسر ڊاڪٽر گهنشام داس کي صحت کاتي جي ڪلارڪ پاران داٻا ڏيئي تشدد ڪرڻ واري واقعي جو چيف اليڪشن ڪمشنر سخت نوٽيس وٺندي ڊي آر او ٿرپارڪر کان رپورٽ طلب ڪري ورتي آهي،جڏهن ته صحت کاتي جو بااثر ڄاڻايل ڪلارڪ غلام محمد جوڻيجو رات دير سان پنهنجي ساٿين گڏجي ميڙ منٿ ڪرڻ لاء ڊاڪٽر گهنشامداس جي ڳوٺ ساڪريو بجير ۾ سندن گهر پهچي ويو چيو وڃي جتي هن پنهنجي غلطي کي تسليم ڪندي چيو ته مون کي معاف ڪريو غلطي ٿي ويئي آهي،چيو وڃي ٿو ته هلي اچڻ تي ڊاڪٽر پاران کين معاف پڻ ڪيو ويو آهي،جڏهن ته ڄاڻايل ڊاڪٽر گذريل ٻن ڏينهن کان ڊيوٽي تان موڪل تي ويل آهي سندن فون نمبر به بند آهي جنهن سبب موقف معلوم نه ٿي سگهيو، هوڏانهن ٻي پاسي ڪالھ واقعي خلاف پاڪستان ميڊيڪل ايسوسيشن جي سڏ تي اسلام ڪوٽ اسپتال جي ڊاڪٽرن ۽ ٻي عملي اوپي ڊي جو ٽوڪن بائيڪاٽ ڪري اسپتال اندر ڪاريون پٽيون ٻڌي احتجاج ڪري ڪارو ڏينهن ملهايو،جڏهن ته واقعي جي مختلف سياسي سماجي ڌرين پاران مذمت پڻ ڪئي ويئي آهي انهي سلسلي ۾ گسٽا تعلقي اسلام ڪوٽ جي صدر حاجي نصيرالدين ڪوٽڙيو چيو ته پرزائيٽنگ آفيسر کي جيڪڏهن هڪڙو ڪلارڪ تشدد ڪري ٿو ۽ اۡن جي خلاف ڪاروائي نٿي ٿئي ته پوء ڪهڙو استاد ۽ ڊاڪٽر ايندڙ اليڪشن ۾ ڊيوٽي ڪندو اسان چتاءۡ ٿا ڏيون ته اهڙن عنصرن خلاف ڪاروائي ٿيڻ گهرجي ٻي صورت ۾ آئينده رينجرس يا پاڪ فوج جي سيڪيورٽي کان سواء اسان ڊيوٽي نه ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو