ڪراچي(ويب ڊيسڪ)هانيا عامر ۽ علي رحمان جي رومانوي ڪاميڊي مصالحه فلم ”پردي ۾ رهني دو“ جو ٽريلر رليز ڪندي فلم عيد الفطر تي رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. عيدالفطر تي گهٽ ۾ گهٽ 4 ٻيون فلمون به رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.ڪورونا سبب مارچ 2020ع ۾ سينما گهرن جي بندش کانپوءِ پاڪستان ۾ فلمساز اڃا تائين فلمن کي رليز ڪرڻ کان انڪار ڪري رهيا آهن ۽ نومبر 2021 کان وٺي هن وقت تائين رڳو ٽي فلمون سينما گهرن ۾ رليز ٿيون آهن. جيتوڻيڪ ڪجهه فلمن کي ايندڙ سال مارچ ۾ رليز ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي پر اڪثر فلمن کي عيدالفطر تي هڪ ئي وقت رليز ٿيڻ جو امڪان آهي.










