ميهڙ (ن سنڌيار)ڳوٺ بهاول ڳورڙ ۾ پراڻي دشمني تان 6 اڻڄاتل هٿياربند گهر تي حملو ڪري 50 ورهين جي پيرسن ديدار ڳورڙ کي اغوا ڪري زرعي زمين تي کيس قتل ڪري ڇڏيو، جنهن جو لاش تعلقا اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. واقعي بعد جوابدار فر ٿي ويا، جڏهن ته پوليس ضروري ڪارروائي بعد لاش وارثن حوالي ڪري ڇڏيو، ٻڌايو ٿو وڃي ڪجهه سال اڳ ڪوٽڙي ۾ قتل ٿيل ايس يو پي اڳواڻ ممتاز ڳورڙ جي قتل جي پلاند ۾ پيرسن کي قتل ڪيو ويو آهي. پوليس واقعي جو ڪيس داخل ڪري جاچ شروع ڪري ڇڏي.










