نوشھرو فيروز )رپورٽ منظور ملڪ)خميس ڏينهن صبح جو ابڙان شھر ۾ نامعلوم ھٿياربندن پوليس اھلڪار علي نواز انڙ کي سڌيون گوليون ھڻي اڦٽ ماري ڇڏيو ۽ فرار ٿي ويا. ابڙان پوليس جي ايس ايڇ او غلام شبير شر اطلاع ملندي واقعي واري ھنڌ پھتو ۽ لاش کي کڻائي نوشھرو فيروز اسپتال پھچايو جتي ڊاڪٽرن لاش جو پوسٽ مارٽم ڪيو ۽ لاش وارثن حوالي ڪيو. لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او غلام شبير شر ٻڌايو ته واقعو پراڻي دشمني جو نتيجو آھي اسان وڌيڪ جاچ ڪري رھيا آھيون ۽ قانون مطابق ڪاروائي ڪنداسين.










