شڪارپور(عبدالخالق سومرو) جيل چورنگي ڀرسان ھٿياربندن جي فائرنگ ۾ ٻه ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا جن کي رستي ويندڙن کڻي سول اسپتال پھچايو، جتي سندن جي سڃاڻپ ڳوٺ ايوب چانڊيو واسي نواز چانڊيو ۽ تعمير چانڊيو طور ٿي آهي. اسپتال ذريعن موجب نوجوان نواز چانڊيو جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس سکر منتقل ڪيو پئي ويو ته ھو زخمن جا سور نه سھندي رستي ۾ ئي دم ڌڻي حوالي ڪري ڇڏيو. جڏھن ته واقعي جي ٻئي زخمي تعمير چانڊيو کي پڻ سکر اسپتال منتقل ڪيو ويو آھي جنھن جي حالت پڻ ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. واقعي جي زخمي تعمير حسين جو چوڻ ھو ته ھو ڊکڻ ويجھو ڳوٺ ايوب چانڊيو جا رھواسي آھن، جنھن جو تڪرار پنھنجي ئي چانڊيا برادري سان ھلندڙ آھي ھن ٻڌايو ته ڊسٽرڪٽ جيل ۾ ھو پنھنجي مائٽ جي ملاقات لاءِ آيا ھئا ته تاڙ ۾ ويٺل ھٿياربندن اسان مٿان ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، جنھن ۾ ھو زخمي ٿي پيا. ھوڏانھن نيو فوجداري ٿاڻي جي پوليس رابطو ڪرڻ تي صحافين کي ٻڌايو ته واقعو برادري دشمني سبب پيش آيو آھي جنھن ۾ ھنن جوابدار آصف علي کي گرفتار ڪري ورتو آھي جنھن مٿان ڪيس داخل ڪيو ويندو.










