اوٻاوڙو (رپورٽ غلام علي رند) اوٻاوڙو لڳ ڳوٺ دلمراد شر ۾ پراڻي تڪرار سبب جوابدارن رات ديرسان عبدالحفيظ شر جي گهر کي باهه ڏئي ڇڏي جنهن ۾ معصوم ٻارڙو عزت شر سڙي رک ٿي ويو، قرآن پاڪ به شهيد ٿيو هڪ ٻڪري ٻيو گهريلو سامان الاتلها سڙي رک ٿي ويو متاثرہ عبدالحفيظ شر جو چوڻ هو ته اسان جو موالي شر وارن سان زمين تي پراڻو تڪرار هلندڙ هو انهن هي منهجي گھر کي باهه ڏئي مون کي جاني ۽ مالي نقصان رسايو آهي اوٻاوڙو پوليس ڪاروائي ڪندي هڪ جوابدار موالي شر کي گرفتار ڪري ورتو ۽ واقع جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي










