واشنگٽن(ويب ڊيسڪ)آمريڪي پرڏيهي کاتي جو چوڻ آهي ته آمريڪا کي يقين آهي ته پاڪستان پنهنجي ايٽمي هٿيارن جي حفاظت ڪري سگهي ٿو.اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي وزارت طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چئي وئي آهي.آمريڪي پرڏيهي وزارت جي بيان ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪا کي يقين آهي ته پاڪستان پنهنجا ايٽمي اثاثا محفوظ رکڻ جي صلاحيت رکي ٿو.بيان ۾ آمريڪي پرڏيهي وزارت جو وڌيڪ چوڻ هو ته آمريڪا هميشه محفوظ ۽ خوشحال پاڪستان کي آمريڪي مفادن لاءِ اهم سمجهيو آهي.آمريڪي پرڏيهي وزارت پنهنجي بيان ۾ اهو به چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ڊگهي مدي واري تعاون کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو.










