ڪراچي (ن س)سرجاني ٽائون جي عبدالرحيم ڳوٺ جي سرڪاري سنڌي ميڊيم پرائمري اسڪول ۾ ٻارڙن کي سنڌي نه پڙھائڻ خلاف ڳوٺاڻن جو انڊس پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاج ڪراچي جي سرجاني ٽائون عبدالرحيم ڳوٺ ۾ قائم پرائمري سنڌي ميڊيم اسڪول ۾ ٻارڙن کي سنڌي نه پڙھائڻ خلاف ڳوٺاڻن وڏيرو سعيد بروهي قاضي مشتاق جسقم جي خميسي دونگھ ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ جيئي سنڌ چوڪ کان ٻارڙن ۽ عورتن سميت ريلي ڪڍي انڊس پريس ڪلب ڪراچي آڏو احتجاج ڪيو احتجاج کي خطاب ڪندي وڏيري سعيد بروهي چيو ته اسڪول سنڌي ميڊيم هجڻ باوجود سنڌي نه ٿي پڙھائي وڃي سماجي اڳواڻ قاضي مشتاق مظاهري کي خطاب ڪندي چيو ته اسان مسلسل مختلف ادارن درخواستون ڏيندا رهيا آھيون پر ڪوبه ايڪشن وٺڻ لاء تيار ناهي قاضي مشتاق وڌيڪ چيو ته هينڊس طرفان سنڌي ميڊيم اسڪول کي هلايو پيو وڃي جنهن سبب سنڌي پڙھائڻ اسڪول مان ختم ڪئي وئي آھي اسين ايجوڪيشن منسٽر کي اپيل ٿا ڪريون ته ان عمل خلاف نوٽيس وٺي جسقم جي خميسو دونگھ چيو ته هٿ وٺي ڪراچي جي اسڪولن مان سنڌي ٻولي کي پڙھائڻ بند ڪيو پيو وڃي جيڪو عمل انتهائي مذمت جوڳو آھي










