پبلڪ هيلٿ ۾ ترقياتي اسڪيمون جلد مڪمل ڪريو، شاهه

پبلڪ هيلٿ ۾ ترقياتي اسڪيمون جلد مڪمل ڪريو، شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): پبلڪ هيلٿ انجنيئرنگ کاتي (پي ايڇ اِي) 48793.147 ملين رپين جي لاڳت سان 194 ترقياتي رٿائون شروع ڪيون آهن جن لاءِ جون 2020 تائين 17394.971 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا جيڪي 31398.176 ملين روپيا ٿرو فارورڊ کي ظاهر ڪن ٿا. هلندڙ مالي سال 21-2020 ۾ 194 اسڪيمن مان پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جي 83 منصوبن جو مڪمل ٿيڻ جو امڪان آهي. اها ڳالهه سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ پي ايڇ اي کاتي پاران شروع ڪيل اسڪيمن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺڻ لاءِ ٿيندڙ هڪ اجلاس جي موقعي تي ٻڌائي وئي. اجلاس ۾ وزير پي ايڇ اي شبير بجاراڻي، چيف سيڪريٽري ممتاز شاهه، چيئرمين پي اينڊ ڊي محمد وسيم، وڏي وزير جو پرنسپل سيڪريٽري ساجد جمال ابڙو، ايڊيشنل سيڪريٽري فنانس اسد ضامن، ميمبر پي اينڊ ڊي فتح تنيو، ايڊيشنل سيڪريٽري پي ايڇ اي مصطفيٰ سهاگ ۽ لاڳاپيل چيف انجنيئرن شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ايڇ اي کاتي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪال جا 194 منصوبا خاص طور تي ڳوٺاڻن علائقن ۾ 48793.147 ملين رپين جي لاڳت سان شروع ڪيا آهن جن لاءِ جون 2020 تائين 17394.971 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا ۽ ٿرو فارورڊ 31398.176 رپيا آهن. حڪومت 194 اسڪيمن لاءِ 11365 ملين رپيا رکيا آهن جن مان 7426.023 ملين رپيا جاري ڪيا ويا ۽ 60 سيڪڙو يعني 4408.096 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا آهن. 194 اسڪيمن مان 182 اسڪيمون هلندڙ آهن جنهن لاءِ مارچ 2021 تائين 10854.5 ملين رپيا رکيا ويا آهن جڏهن ته 7381.357 ملين رپيا استعمال ڪيا ويا ۽ انهن تي 60 سيڪڙو ڪم ڪيو ويو آهي. وڏي وزير کي ٻڌايو ويو ته 182 جاري اسڪيمن مان 83 کي هلندڙ مالي سان جي پڄاڻي تائين مڪمل ڪيو ويندو. موجوده مالي سال ۾ مڪمل ٿيندڙ اسڪيمون هيٺين ريت آهن. 32.986 ملين رپين جي لاڳت سان يوسي 2 مواڇ ڳوٺ، ڪراچي لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيمون، 19.934 ملين رپين جي لاڳت سان عمر کوکر ڳوٺ، ميرپوربٺورو پوليس اسٽيشن لاءِ پاڻي جي فراهمي جون اسڪيمون، 60.860 ملين رپين جي لاڳت سان جهانگارا، سيوهڻ پوليس اسٽيشن لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيم، 53.927 ملين رپين جي لاڳت سان هنڱورو کان مٿرائو ڪينال، ميرپورخاص تائين واٽر سپلاءِ منصوبي جي وسيلن ۾ سڌارو، واڌارو ۽ تبديلي، 31.113 ملين رپين جي لاڳت سان ڳوٺ الله ڏنو ساند، مٽياري لاءِ واٽر سپلاءِ اسڪيم، 20 ملين رپين جي لاڳت سان راهمون تنيو ڳوٺ لاءِ پاڻي جي فراهمي جو منصوبو، 29.699 ملين رپين جي لاڳت سان ڳوٺ خيرپور جوسو، قمبر لاءِ پاڻي جي نيڪال واري اسڪيم، 15 ملين رپين جي لاڳت سان عباس ڀائي ٽائون ٽنڊوالهيار جي مختلف گهٽين ۾ نالين جي تعمير، 202.780 ملين رپين جي لاڳت سان ٽنڊو محمد خان ۾ اربن نيڪال ۾ سڌارو ۽ واڌ جون اسڪيمون شامل آهن. سنڌ جي وڏي وزير پي ايڇ اي وزير شبير بجاراڻي کي هدايت ڪئي ته سڀني جاري اسڪيمن جي اڳڀرائي جو جائزو وٺندو رهي ته جيئن انهن کي عوامي مفاد خاطر موجوده مالي سال جي پڄاڻي کان اڳ مڪمل ڪري سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو