پاڻي ۽ ماحوليات جي پاليسي سازي لاءِ 30 تجويزون منتخب

پاڻي ۽ ماحوليات جي پاليسي سازي لاءِ 30 تجويزون منتخب

ڄامشورو)ن س( نوجوانن کي وڌ کان وڌ مطالعو ڪرن گهرجي، تحقيقي ۽ تخليقي صلاحيتن کي اجاگر ڪندي انهن شعبن تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. اهڙو اظهار مهراڻ يونيورسٽي آف انجنيرنگ اينڊ ٽيڪنالاجي ڄامشورو ۾ قائم پاڻي متعلق اعليٰ تدريسي ۽ تحقيقي مرڪز پاران منعقد ٿيل ٻن ڏينھن واري، ٽين قومي ڪانفرنس ۾ پاڻي ۽ ماحوليات جي موضوع تي خطاب ڪندڙ مقررن ڪيو. ڪانفرنس ۾ ملڪ جي مختلف شھرن مان آيل نوجوان محققن 130 ريسرچ پيپرز پيش ڪيا. جن مان 30 تجويزون پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر بخشل خان لاشاري پڙھي ٻڌايون، جيڪي وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن ڏانھن اماڻيون وينديون ته جيئن ماحوليات ۽ پاڻي متعلق اھم قومي پاليسيون جوڙڻ ۾ نوجوان محققن ۽ تحقيقي ادارن جي شراڪت داري يقيني بڻجي سگهي. ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري اجلاس جي خاص مهمان ۽ يو اين ڊي پي جي نيشنل پروگرام مينيجر مسعود لوھار خطاب ڪندي چيو ته اسان جو ملڪ دنيا ۾ اھو خوشقسمت ترين ملڪ آھي، جنھن جي آبادي جو ھڪ وڏو انگ نوجوانن تي ٻڌل آھي، جنهن ڪري اھڙيون سائنسي ۽ تحقيقاتي ڪانفرنسز اسانجي نوجوانن کي پنهنجين تخليقي ۽ تحقيقي ڪاوشن کي اجاگر ڪرڻ جو بھترين موقعو فراھم ڪن ٿيون. هن چيو ته، پاڪستان سميت سڄي دنيا ھن وقت ماحوليات ۽ پاڻي سان لاڳاپيل مختلف مسئلن کي منھن ڏيئي رھي آھي، جنهن ڪري  اھو ضروري آھي ته اسين بين الاقوامي ۽ قومي سطح تي ٿيندڙ تحقيق مان فائدو وٺون. مسعود لوهار نوجوانن کي صلاح ڏني ته هو وڌ کان وڌ مطالعو ڪن ۽ تحقيقي ڪم ڏانهن اچن.

ڪانفرنس جي پڄاڻيءَ واري اجلاس کي خطاب ڪندي ٽيم ليڊر ھالويسٽ منور خٽڪ مھراڻ يونيورسٽي ۾ قائم پاڻي جي اعلي تدريسي ۽ تحقيقي اداري جي ڪاوشن جي واکاڻ ڪئي ۽ نوجوان سائنسدانن جي تحقيقي معيار کي ساراھيو. ھن وڌيڪ ڳالهائيندي چيو ته نوجوانن جي پاڻي ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل تحقيق وقت جي اھم ترين ضرورت آھي، جيڪا پاڻي ۽ ماحوليات سان لاڳاپيل  قومي پاليسي مرتب ڪرڻ ۾ اھم ڪردار ادا ڪندي. هن اجلاس کي، بين الاقوامي ترقيءَ لاءِ ڪم ڪندڙ آمريڪي اداري- يو ايس ايڊ جي مالي سهڪار ۽ آمريڪي يوٽا يونيورسٽي جي فني تعاون سان قائم ڪيل، ملڪي سطح جي هن پاڻي جي اعلى تدريسي ۽ تحقيقي مرڪز – يو ايس پاڪستان سينٽر فار ايڊوانسڊ اسٽڊيز اِن واٽر جي پراجيڪٽ ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر بخشل خان لاشاري، ڊپٽي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مھر ۽ ڪانفرنس جي ڪنوينر پروفيسر ڊاڪٽر ڪامران انصاري پڻ خطاب ڪيو. ڪانفرنس جي آخر ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر پروفيسر ڊاڪٽر رسول بخش مھر معزز مھمانن ۽ نوجوان محققن جا ٿورا مڃيا ۽ منتظمين کي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد تي مبارڪون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو