پاڻي کوٽ ۽ غير قانوني نوليون لڳائڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

پاڻي کوٽ ۽ غير قانوني نوليون لڳائڻ خلاف آبادگارن جو احتجاج

ٽنڊو محمد خان ‏(لال بخش سٺيو‏) ﺳﻨﮅ ﺍﻳﮕﺮﻳڪﻠﭽﺮجنرل ورڪرز يونين سان لاڳاپيل نيشنل ٽريڊ يونين فيڊريشن پاران ﭘﺮﻳﺲ ڪﻠﺐ ٽنڊومحمد خان اڳيان هاري ﻳﻮﻧﻴﻦ جي اڳواڻ اختر علي سٺيو جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. ان موقعي تي آبادگار اڳواڻن اختر علي سٺيو، محمد ايوب، جمن برهماڻي، مولا ڏنو، ڪمال برهماڻي، آصف سٺيو خطاب ڪندي چيو ته ڪنب شاخ تي ناجائز پاڻي جي ڪٽوتي ۽ سرعام چوري ڪئي پئي وڃي ۽ تقريبن واٽر ڪورسن جا موڳا به ٽٽل آهن. بار بار شڪايت ڪرڻ باوجود ڪو به کڙتيل نه نڪتو آهي. هنن وڌيڪ چيو ته آبادگارن جا ساريلا فصل سڪي تباهه ٿي رهيا آهن پر پوءِ به ڪامورا شاهي خاموش بڻيل آهي. آبادگارن وس وارن کان مطالبو ڪندي گهر ڪئي ته ڪنب شاخ کي لڳل ناجائز نوليون ڪڍرائي شاخ جي پڇڙي تائين پاڻي پهچائڻ کي يقيني بڻايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو