پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

پاڻي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

خيرپور ناٿن شاھ (ن سنڌيار)خيرپور ناٿن شاھ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف واهن ۽ شاخن جي آبادگارن ۽ هارين پاران پاڻي کوٽ خلاف آبادگار جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن حافظ حاجن لغاري، رئيس امجد گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گوزو کان 8 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.تفصيل موجب. خيرپور ناٿن شاھ رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ مختلف واهن ۽ شاخن جي آبادگارن ۽ هارين پاران پاڻي کوٽ خلاف آبادگار جدوجهد ڪميٽي جي اڳواڻن حافظ حاجن لغاري، رئيس امجد گاڏھي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ گوزو کان 8 ڪلو ميٽر پيادل مارچ ڪري نيشنل پريس ڪلب آڏو نٽهڻ اس ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي اڳواڻن جو چوڻ هيو ته رائيس ڪئنال تي 2 مئي تي پاڻي ايندو هيو پر افسوس سان چوڻو ٿو پئي ته رائيس ڪئنال مان نڪرندڙ نارا ڊسٽري, خدا واھ, ڪڏڻ شاخ, ڪلرو شاخ ۽ بيگوديرو شاخ سميت ٻين شاخن ۾ هن وقت تائين پاڻي ناهي پهتو جنهن ڪري ساريالو ٻيجارو سڙي سڪي رهيو آهي اسان جي هزارين ايڪڙ زمين بنجر ٿي رهي آهي پر لاڳاپيل اداري بي حسي جي حد ڪري ڇڏي آهي اسين معاشي طور تباھ ۽ برباد ٿي ويا آهيون اسان جا ٻچا بکون ڪاٽڻ تي مجبور آهن. اسين لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور آھيون. پاڻي پنجاب کي وڪرو ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ آبپاشي جا ڪامورا ملوث آهن. اهو پاڻي غريبن جو حق آھي. غريبن کي حق ڏنو وڃي. پاڻي نه هجڻ ڪري بک بدحالي، چورون ، ڦرون ۽ ڌاڙا جنم وٺندا آھن. هنن وڌيڪ چيو ته جيڪڏھن نارا ڊسٽري سميت مختلف واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي نه پهتو ته اسين آفيسرن جو گهيراء ڪنداسين. جيسيتائين پڇڙي تائين پاڻي نه ٿو پهچي اوسيتائين احتجاج جاري رهندو ۽ ميھڙ ۾ پاڻي کوٽ خلاف احتجاج ڪندڙن مٿان داخل ڪيل ڪيس پڻ ختم ڪيا وڃن…

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو