ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي آبپاشي واري وزير ايشور لال پاڻي چوري ڪندڙن خلاف سخت قدم کڻندي هن وقت تائين 381 پاڻي چورن خلاف 81 ڪيس داخل ۽ 374 غير قانوني ڪنيڪشن ڪٽيا آهن. ايشور لعل خبردار ڪيو آهي ته پاڻي چوري ۾ ملوث ماڻهن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته پاڻي چوري هڪ اهم مسئلو آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ جي ڪوششون ڪري رهيا آهيون ۽ جتي به شڪايتون مليون آهن اتي پاڻي چورن خلاف بنا ڪنهن فرق جي ڪيس داخل ڪيو پيو وڃي ۽ شڪايتن جو ازالو ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته سکر بئراج جي کاٻي پاسي لاڙڪاڻي واري علائقي ۾ هڪ، مٽياري ۾ 4، بدين ۾ 4، ٽنڊوالهيار ۾ 2 ۽ خيرپور ۾ 2 ڪيس داخل ٿيا آهن، جڏهن ته ساڄي ڪناري سکر ريجن ۾ 2، جوهي ۾ 2 ۽ دادو ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. نگران آبپاشي وزير چيو ته سيڊا حيدرآباد ۾ 37، بدين ۾ 21 ۽ ميرپورخاص ۾ 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. اهڙي طرح ڪوٽڙي بئراج ريجن حيدرآباد ۾ هڪ ڪيس ٺٽي ۽ سجاول ۾ 5 جڏهن ته روهڙي ڪئنال سرڪل ۾ غير قانوني ڪنيڪشن جا 07 ۽ خيرپور سرڪل ۾ 2 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن. هن وڌيڪ ٻڌايو ته سکر بئراج جي رائٽ بئنڪ ريجن لاڙڪاڻي ۾ 4 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته پاڻي کوٽ جون سڀ کان وڌيڪ شڪايتون حل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته ڪوٽڙي سب ڊويزن گهوڙاٻاري ۾ هڪ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي ۽ ٽيل جي آخر ۾ پاڻي جي کوٽ جي شڪايت کي حل ڪيو ويو. هن چيو ته لوئر پنياري ڊويزن سجاول جي سب ڊويزنن شاهبندر، چوهڙ جمالي، جاتي ۽ سجاول ۾ هڪ هڪ ڪيس داخل ڪري شڪايتن جو ازالو ڪيو ويو، جڏهن ته اپر پنياري دڙي جي سب ڊويزنن ۾ به هڪ ڪيس داخل ڪري شڪايت جو ازالو ڪيو ويو.










