ڪراچي(نمائندن وٽان) سنڌ جي مختلف واهن ۽ شاخن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف آبادگارن جا احتجاجي مظاهرا، آبپاسي عملدار لاتعلق بڻيل، بااثر زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪرڻ جا الزام ۽ منصفاڻي ورڇ لاءِ رينجرز تعينات ڪرڻ جو مطالبو. تفصيل موجب ستر موري مان لال بخش سٺيو موجب ڪوٽڙي بيراج مان نڪرندڙ ڦليلي واهه جي امام واهه ۽ علي بحر شاخن ۾ پاڻي هوندي سيڊا عمدارن شاخن جا گيٽ بند ڪري مڇي جي ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏئي ڇڏيو آهي، ٺيڪيدار ريگيوليٽر جا گيٽ بند ڪري مڇي مارڻ ۾ مصروف ۽ آبادگار پاڻي ڦڙي لاء پريشان آهن. آبادگار اڳواڻ ۽ چيمبر آف ايگريڪلچر سنڌ جي نائب صدر سيد اعجاز نبي شاه ٻڌايو ته سيڊا جو ڪرپٽ ڊائريڪٽر آبادگارن کي پاڻي ڏيڻ بدران مڇي جي ٺيڪيدارن کي ٺيڪو ڏئي اسان جو پاڻي بند ڪرائي ڇڏيو آهي، جنهن ڪري اسانجا ڪروڙن جا فصل سڪي ۽ سڙي رهيا آهن پر ڪو به ٻڌڻ وارو ڪونهي هن صوبائي وزير زراعت سيد ناصر شاه کان گهر ڪئي ته هن زيادتي جو فوري نوٽيس وٺي ڊاريڪٽر ۽ ٺيڪيدار خلاف ڪاروائي ڪري اسان کي پاڻي ڏنو وڃي ۽ رينجرز مقرر ڪئي وڃي.*** ٽنڊو غلام حيدر مان ميرحسن رند موجب ڦليلي ڪيئنال مان نڪرندڙ تعلقي ٽنڊو غلام حيدر جي مبارڪ واه ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف پوڇڙ ۽ منڍ جي آبادگارن کمن لاکو مجيد لاکو علي نواز چانگ عبدالغغار مختيار ڀٽي نٽهڻ اس ۾ ڌرڻو هڻي ايريگيشن انتظاميه خلاف نعريبازي ڪئي آبادگارن جو چوڻ هو ته مبارڪ واهه ۾ پاڻي جي هٿرادو کوٽ سبب اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بنجي ويون آهن ۽ اڃا تائين پاڻي جي قلت سبب ساريالو ۽ ٻيا فصل پوکجي نه سگهيا آهن جنهن جي ڪري اسان سخت پريشان ۽ مايوس آهيون. بار بار احتجاج ڪرڻ باوجود آبپاشي عملدار ڪنهن جي به نٿا ٻڌن، جيڪو ٿورو گهڻو پاڻي اچي ٿو اهو به انتظاميه جي ملي ڀڳت سان با اثر زميندارن کي چوري ڪري اسان پوڇڙ جي آبادگارن جي حصي جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي رهيا آهن.

آبادگارن پاران احتجاج دوران چيو ته مبارڪ واهه کي فوري طور پاڻي فراهم ڪري ڏنو وڃي ته جئين اسان جو پوکيل هائيبرڊ سارين جو ٻج تباه ٿيڻ کان بچايو وڃي.*** ماتلي مان عبدالرزاق موجب ڦليلي ڪئنال مان نڪرندڙ مراد واھ ۾ گذريل ڏھن مهينن کان پاڻي جي هٿرادو کوٽ خلاف مراد واھ جي آبادگارن جو ڪالرو موري تي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو ان موقعي تي آبادگارن , اياز لطيف خاصخيلي , علي حسن دستي , محمد حسن آرائين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ايريگيشن عملي پاران هٿرادو پاڻي جي کوٽ پيدا ڪري اسان جون هزارين ايڪڙ زمينون بنجر بڻائي ڇڏيون آھي، پاڻي جي کوٽ سبب ھن وقت اسان وٽ پيئڻ جو پاڻي نه آھي جر جو پاڻي کارو آھي اسان کارو پاڻي پيئڻ تي مجبور آھيون. هنن وڌيڪ چيو ته ايريگيشن عملو منڍ ۾ هڪ ته بااثر زميندارن کي پاڻي وڪرو ڪري ڏنو آھي ۽ ٻيو وري ايريگيشن عملو مشينون رکي خود سندن مقاطي تي ورتل زمينون آباد ڪري رهيا آھن.










