پاڻي جي کوٽ خلاف آبادگارن جو احتجاج

خانپورمھر(رپورٽ حميد سيال) خانڳڙهه تعلقي جي مختلف واهن ۾ پاڻي جي سخت کوٽ خلاف متاثر آبادگارن احتجاجي مظاهرو ڪيو ۽ آبپاشي عملدارن تي نا اهلي ۽ ڪرپشن جا الزام هڻندي سندن خلاف نعريبازي ڪئي. مختلف واهن لٺ مائينر، مبارڪپورمائينر، بمبلي مائينر ۽ مهرو واهه ۾ پاڻي جي کوٽ خلاف شاهپورمهر ۾ علائقي جي آبادگارن فقيرگنهور مڱريو، حاجي شهزادوڇڄڻ، حاجن مهر، گلشن ڇڄڻ، الهرکيو مڱريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪري آبادگارن شاهپورمهر مبارڪپور روڊ تي ڌرڻو هنيو. آبادگارن آبپاشي جي ڪرپٽ آفيسر هٽايو، پاڻي ڏيو جا زوردار نعرا هنيا. آبادگارن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته خانڳڙهه تعلقي جي واهن ۾ پاڻي جي شديد کوٽ سبب زمينون بنجر بڻجي رهيون آهن سوين ايڪڙ زمينن ۾ پاڻي نه هئڻ سبب فصل جي پوکي نه ٿي سگهي آهي. هنن چيو ته پاڻي لاءِ ڪافي ڀيرا سيڊا ڊائريڪٽر ياسين قريشي ،انجنيئر ميرپورماٿيلو ڊويزن جي آفيسن آڏو احتجاج ڪيا آهن پر آبپاشي عملدار پاڻي بااثرن کي وڪرو ڪن پيا. مظاهرين آبادگارن چتاءُ ڏنو ته خانڳڙهه تعلقي جي واهن ۾ فوري طور پاڻي نه ڇڏيو ويو ته 28 مئي تي گهوٽڪي ۾ نيشنل هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪنداسين.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو