پاڻي جي لائين جي غيرقانوني منتقلي، آفيسرن کي سزا

پاڻي جي لائين جي غيرقانوني منتقلي، آفيسرن کي سزا

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) معمار چوڪ جمالي پل سپر هاءِ وي وٽ 36 انچ واٽر ٽرنڪ لائين کي اعليٰ اختيارين جي منظوري کانسواءِ منتقل ڪرڻ جي ڏوهه ۾ ذميوار آفيسرن کي سزا ڏيڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي. رولز موجب اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (اي اينڊ ايم) ايس ايم احسن، اسسٽنٽ ايگزيڪيوٽو انجنيئر (سول) فراز خان آفريدي تي مس ڪنڊٽ ثابت ٿيڻ تي ملامت ۽ مائنر پيلنٽي عائد ڪندي سندن ڇهن مهينن جي انڪريمينٽ کي ختم ڪيو ويوآهي. جڏهن تہ رولز موجب سب انجنيئر محمد فهيم خان ۽ سب انجنيئر عاصم الدين تي ملامت ۽ مائنر پيلنٽي عائد ڪندي ھنن سمورن آفيسرن کي ڪي فور پروجيڪٽ واٽر بورڊ ۾ بدلي ڪيو ويو آهي، واٽر بورڊ عملدارن موجب سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جي هدايتن تي معمار چوڪ جمالي پل سپر هاءِ وي وٽ 36 انچ واٽر ٽرنڪ لائين کي اعليٰ اختيارين جي منظوري کانسواءِ منتقل ڪرڻ تي اي اينڊ ڊي رولز، 1987 تحت چيف انجنيئر اي اينڊ ايم انتخاب احمد راجپوت جي سربراهي هيٺ انڪوائري ڪميٽي جوڙي وئي، انڪوائري ڪميٽي پاران مڪمل ايمانداري سان سمورن رخن جو جائزو وٺڻ بعد قانون جي پاسداري ڪندي انڪوائري رپورٽ بااختيار اختيارين کي پيش ڪئي، جڏهن تہ سي اي او واٽر بورڊ پاران انڪوائري آفيسر جي رپورٽ ڏسڻ کانپوءِ انڪوائري ۾ شامل سمورن آفيسرن ۽ ملازمن کي ذاتي ٻڌڻي جو موقعو ڏيندي ۽ سبب بيان ڪرڻ لاءِ نوٽيس پڻ جاري ڪيا هئا، انڪوائري ۾ شامل ملازمن پاران نوٽيسن جي جوابن کي غير اطمينان بخش قرار ڏيندي سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پاران سمورن رڪارڊن کي غور سان جاچڻ گڏوگڏ انڪوائري آفيسر جي سفارش ۽ ذاتي ٻڌڻ جي نتيجن کي مدنظر رکندي ملازمن تي مس ڪنڊٽ ثابت ٿيڻ تي ڄاڻايل ملازمن کي سزا جو حڪم جاري ڪيو. سي اي او واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد جو چوڻ هو تہ واٽر بورڊ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن آفيسر تي پينلٽي عائد ڪئي ويئي آھي، هن چيو تہ ڪو ڪيترو بہ طاقتور ڇو هجي ان کي غير قانوني ڪنيڪشن، غير قانوني سرگرمي يا غير قانوني ڪم ڪرڻ جي اجازت نہ ڏني ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو