ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)مئنيجنگ ڊائريڪٽر ڪراچي واٽر اينڊ سيوريج بورڊ انجنيئر اسدالله خان سان پي.پي اڳواڻ ۽ اڳوڻي ميمبر صوبائي اسيمبلي ميرپور ساڪرو ضلعو ٺٽو سيد امير حيدر شاھ شيرازي ۽ ايڊووڪيٽ محمود اختر نقوي ايم سيڪريٽريٽ ڪارساز ۾ الڳ الڳ ملاقاتون ڪيون، ان موقعي تي اڳواڻن پاران ايم ڊي واٽر بورڊ کي پاڻي جي فراهمي ۽ نيڪالي وارن مسئلن کان تفصيلي آگاهي ڏني، ايم ڊي واٽر بورڊ موقعي تي لاڳاپيل آفيسرن کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ سمورا مسئلا فوري طور تي حل ڪيا وڃن، جڏهن تہ پي.پي اڳواڻ سيد امير حيدر شاھ شيرازي جي قيادت ۾ آيل وفد پاران ايم ڊي واٽر بورڊ کي ڌاٻيجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جي کوٽ متعلق تفصيلي آگاهي ڏيندي چيو تہ ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن کان روزانو ڪراچي کي 80 سيڪڙو پاڻي فراهم ڪيو وڃي ٿو، تنھن جي باوجود ڌاٻيجي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ پاڻي جو شديد بحران آهي.

ھن جو وڌيڪ چوڻ هو تہ انساني بنيادن تي ڌاٻيجي ۾ پاڻي جي کوٽ جي پورائي لاءِ تڪڙا ۽ مؤثر قدم کنيا وڃن، ايم ڊي واٽر بورڊ پاران پي.پي اڳواڻ کي خاطري ڪرائيندي موقعي تي سپرينٽنڊنٽ انجنيئر بلڪ لال محمد سمون کي ھدايتون جاري ڪيون، ملاقات دوران ايم ڊي واٽر بورڊ جو وڌيڪ چوڻ هو تہ مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ۽ چيئرمين واٽر بورڊ سيد ناصر حسين شاھ جي هدايتن تحت واٽر بورڊ پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ نيڪالي وارن مسئلن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪري رهيو آهي، ملاقات دوران سپرينٽنڊنٽ انجنيئر محمد رياض، اسٽاف آفيسر سيد سردار شاھ موجود هئا.










