پاڻي جي سخت پيدا ٿيل بحران خلاف مڪلي واسين جو احتجاج

پاڻي جي سخت پيدا ٿيل بحران خلاف مڪلي واسين جو احتجاج

ٺٽو( ن سنڌيار) مڪلي تي گذريل 3 ھفتن کان پيئڻ جي پاڻي جي سخت پيدا ٿيل بحران خلاف مڪلي جا رھواسي سراپا احتجاج بڻجي گھرن کان نڪري مڪلي باء پاس روڊ تي پھچي روڊ بلاڪ ڪري ڌرڻو ھڻي سخت نعريبازي ڪئي، جنھن ڪري سوين گاڏيون روڊ جي بنھي پاسن کان بيھجي ويون. ان موقعي تي احتجاج ڪندي مڪلي جي رھواسين دوست علي ذوالفقار علي چارڻ، وڏيرو الھبچايو ميربحر، عرس خشڪ، الھڏنو خشڪ ۽ ٻين چيو تہ پبلڪ ھيلٿ کاتي جي نااھلي سبب مڪلي تي گذريل ٽن ھفتن کان پاڻي جي رسد بند پيل اھي، جنھن ڪري شھري سخت پريشان آھن، مسجدن ۾ نمازين کي وضوء لاء بہ پاڻي نٿو ملي، مڪلي واسي پاڻي خريدڻ تي مجبور بڻيل آھن، پر مڪلي واسين جون دانھون انتظاميہ بڌڻ لاء تيار ناھي تہ ٻئي طرف مڪلي جي وڏي درگاھ حضرت عبدالله شاھ اصحابي، ڳوٺ وڏيرو الھبچايو ملاح سميت اسپاس جا ڳوٺ بہ پيئڻ جي پاڻي کان محروم بڻجڻ سميت درگاھ تي ايندڙ زائرين بہ سخت پريشان آھن. جنھن ڪري احتجاج ڪرڻ تي مجبور بڻيل آھيون تہ ٻئي سرڪار تيل جون قيمتون وڌائي عوام مٿان مھنگائي جو بم ڪيرائي ڇڏيو اھي، جنھن تي سڀ ڌريون خاموش بڻيل آھن. ھنن گھر ڪئي تہ فورن مڪلي ۽ ان جي آسپاس جي علائقن مان پيئڻ جي پاڻي جو بحران ختم ڪري مھنگائي تي ڪنٽرول ڪري عوام کي جيئڻ جو حق ڏنو وڃي، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو